اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي ا??فاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته ش??يد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي ا??فاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جمهوريت جي ا??ل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ترميمن تي ا??فاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ۽ پارليامينٽ ج?? بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي ا??لاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ۽ پارٽيون تحسين لائق آهن.