اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آھي ته آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ونٽر فينسي فوڊ شو ۾ شرڪت لاءِ 21 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگھجن ٿيون. ٽي ڊي اي پ?? طرفان جاري تفصيل مطابق 3 ڏينھن واري واپار جي ??المي نمائش آمريڪا ۾ 19 کان 21 جنوري تائين جاري رھندي جنھن ۾ چاڪليٽ پروڊڪٽس، اسنيڪ فوڊ، روايتي مٺايون، آئيس ڪريم، بسڪيٽ، فروٽ، ڀاڄيون، فروزن فوڊ، ڪافي، ??شر??بات، بيوريجز، گلابي لوڻ ۽ ڪيڪ سان لاڳاپيل ماڻھو ۽ ا??ارا پنھنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنھنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگھن ٿا. نمائش جي ??والي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي.