اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندا?? استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ملائيشيا جي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ملائيشيا جي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن ملائيشيا جي وزيراعظم کي گل ??يش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ ن??ري??ت وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.