اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها فوتي ملازم جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب فهيم احمد (شڪايت ڪندڙ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي خ??اف ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي. در??وا??تگذار موجب سندس والد پي سي اي اي جو ملازم هو ۽ سندس لاڏاڻو سروس دوران 1999ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو. جيئن ته هو ان وقت ??اب??لغ هو، ان لاءِ هو ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ اهل نه هو. جڏهن عمر پوري ٿيڻ تي نوڪري جي لاءِ در??وا??ت ڏني ته بنا ڪنهن جواز جي سندس در??وا??ت کي رد ڪيو ويو. در??وا??تگذار پنهنجي شڪايت جي ازالي جي لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سان رجوع ڪيو پر اتي به دادرسيءَ نه ٿي سگهي. جنهن کانپوءِ پريشاني ۾ پنهنجي شڪايت جي حل لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب فيصلو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ پي سي اي اي جي خ??اف بدانتظامي جو ڪو ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ڇو ته ان جي در??وا??ت جي وقت فيملي اسسٽنس پئڪيج لاڳو نه هو. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ صدر وٽ محتسب جي حڪم جي خ??اف در??وا??ت داخل ڪئي. پنهنجي فيصلي ۾ صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ جي والد جو مدو ملازمت دوران 1999ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت در??وا??تگذار جي عمر رڳو 6 سال هئي. 2005ع جي پاليسي تحت عمر پوري ٿيڻ کانپوءِ مقرري جي لاءِ در??وا??ت ڏني هئي، جنهن موجب فوتي ملازم جي پٽ کي اشتهار جي رسمي ڪارروائي مان گذرڻ کانسواءِ انهي اداري ۾ مقرري جي لاءِ غور ڪرڻ گهرجي ها. صدر پي سي اي اي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته هن 2005ع ۾ فيملي اسسٽنس پئڪيج جي پاليسي اختيار ڪئي هئي ۽ فوري ڪيس ۾ حقيقتن ۽ قانوني پوزيشن جي ڪري ڄاڻايل پئڪيج جون شقون قابل غور نه هيون. صدر نشاندهي ڪئي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي دعويٰ موجوده ڪيس جي حالتن ۾ قانوني طور تي صحيح نه آهي ڇو ته در??وا??تگذار سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد مڪمل ڪرڻ کان اڳ مقرر ٿيڻ جو اهل نه هو. هن چيو ته اها پاليسي جي ممڪن لاڳو جو معاملو آهي نه ڪي پاليسي جي اڳوڻي لاڳو جو معاملو آهي. صدر سول اپيل نم??ر 410/2020 تاريخ 02-06-2021 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي پڻ ڀاڙيو. تنهن ڪري صدر شڪايت ڪندڙ جي در??وا??ت منظور ڪندي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ مهيني جي اندر قانون موجب مقرري جي لاءِ ان جي در??وا??ت تي ڪارروائي ڪري.