اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپي??ر سردار اياز صادق فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کان ان جو سخت نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن اسرائيل هٿان لبنان جي معصوم شهرين جي قتلِ عام تي گهري ڏُک، افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪ??و. ??سپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسط??ن ۽ لبنان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، فلسط??ن ۽ لبنان جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته اسرائيل جا فلسط??ن ۽ يمن کانپوءِ لبنان تي جاري فضائي حملا خطي ۾ جنگي جنون جو چِٽو ثبوت آهن. اسرائيل جو جارحاڻو رويو نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيل جي جنگي جنون خطي جي امن کي و??يڪ خطري ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، فلسطين ۾ 42 هزار معصوم شهرين جي قتلِ عام باوجود اسرائيل جو جنگي جنون مڪمل ناهي ٿ??و. ??سرائيل جا هٿ فلسط??ن ۽ لبنان جي معصوم ٻارن ۽ بزرگن جي رت سان رڱيل آهن. هن چيو ته اسرائيل فلسطين کان پوءِ يمن ۽ لبنان تي حملا ڪري دنيا جي امن کي چئلينج ڪيو آهي، اسرائيل جو جنگبندي کان اِنڪار خطي کي جنگ جي ڌُٻڻ ۾ وِجهڻ جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيل جي ناپاڪ مق??دن سان وچ اوڀر جي امن کي شديد خطرا درپيش آهن. نيتين ياهو جون گڏيل قومن جي فورم تي بيهي دنيا کي ڌمڪيون ڏيڻ ڳڻتي ۽ مذمت جوڳيون آهن. هن چيو ته مسلمان اُمت کي فلسطين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن خلاف پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. مسلمان اُمت کي اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اُٿارڻو پوندو. اسرائيل جي ناپاڪ اِرادن کي نه روڪيو ويو ته اها جنگ پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.