اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پ??ران دول?? مشترڪه ۽ ان جي ??ارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سموئه ۾ دول?? مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس سان دول?? مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيدار ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دول?? مشترڪه جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ تعاون کي هٿي ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران چئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانيا جي شاهه چارلس ٽئين ٽيليفون تي رابطو ڪيو. شاهه چارلس ٽئين وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ سموئه ۾ منعقد ٿيندڙ دول?? مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) ۾ شرڪت جي باقاعده دعوت ڏني. دعوت کي قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دول?? مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جو انعقاد دول?? مشترڪه جي تاريخ جو هڪ اهم اجلاس هوندو ڇو ته شاهه چارلس جي بادشاهت سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون دول?? مشترڪه جو اجلاس هوندو جن??ن جي هو پاڻ صدارت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي دول?? مشترڪه ۽ ان جي ??ارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته سموئه ۾ دول?? مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيدار ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دول?? مشترڪه جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ تعاون کي هٿي ملندي. شاهه چارلس ٽئين جي ماحولياتي معاملن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ موسمياتي پائيداري جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دول?? مشترڪه جي قائدين سان موسمياتي ??بد??لي جي حوالي سان خيالن جي ??ي وٺ ٿيندي. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين جي صحت بابت معلومات ڪيو. وزيراعظم پرنسس آف ويلز جو علاج مڪمل ٿيڻ تي ان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شاهه چارلس ٽئين جي پاڪستان جي ??ذريل دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته بادشاهه ۽ ملڪه جلد پاڪستان جو دورو ڪندا.