اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپري?? ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا هونديون آهن، آئيني معاملا آئيني عدالتن ۾ ويندا آهن ته جيئن عام شهرين کي انصاف جي ??راهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه اچي ۽ انهن جا ڪيسز جلد پنهنجي ??نطقي انجام تائين پهچي سگهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان وسيع تر مش??ور?? جو سلسلو جاري آهي، سمورين سياسي پارٽين نه رڳو پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي پر اها ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته ان حوالي سان پارليامينٽ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مخالف ڌر ۽ حڪومتي پارٽين پارليامينٽج ي اندر ۽ پارليامينٽ جي ??اهر انهن ترميمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي. هن چيو ته قانون واري وزير جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن انهن ترميمن جي حوالي سان سمورين پارٽين کي انگيج ڪيو ۽ آئيني ترميمن جي ??سودي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسپين، جرمني، اٽلي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپري?? ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا آهن ۽ آئيني عدالتن جي اندر آئيني معاملا ويندا آهن ته جيئن ٻين ڪيسن ۾ عام شهرين جا ڪيسز وقت سر اڪلائي سگهجن ۽ انهن کي انصاف ملي سگهي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي 9 مئي جي ڪيسز جو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل جا ڪيسز ڪجهه مهينن ۾ اڪلايا ويا، جن ماڻهن به هلڙبازي ڪئي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ حملو ڪيو اهي سمورا ماڻهو پنهنجي ڪردار ڪردار تائين پهتا. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو هتي 9 مئي جي ڏوهارين جي ڪيسز تي اڃا تائين فيصلا نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته آئيني ترميمن جو مقصد رڳو ايترو آهي ته آئيني عدالتون جدا ڪيون وڃن ته جيئن آئيني معاملا جدا ٻڌي سگهجن ۽ ٻين عدالتن ۾ پاڪستان جي شهرين جي ڪيسز جو وقت سر فيصلو ٿي سگهي، عدليه ۾ هزارين ڪيسز التوا جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته قانون واري وزير جيڪو مسودو تيار ڪيو ان تي پي ٽي آءِ سياست ڪئي ۽ چيو ويو ته اسان جي ??يڊر کي ٻاهر ڪڍو پوءِ آئيني ترميمن تي ڳالهه ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته ڪو اين آر او ملڻ نه وڃي رهيو آهي، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته آئيني ترميمن تي انصاف جي ??راهمي کي آسان بڻائڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي بهتر شڪل ڏيڻ تي اهي پنهنجي ڊيمانڊ کڻي ايندا ته اسان جي ??يڊر کي ڇڏيو، ته انهن جي اين آر او ملڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي. اها انهن جي ??راڻي خواهش آهي، پنهنجي ان خواهش کي بارگيننگ جي ??اءِ استعمال نه ڪن. هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان مش??ور?? جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان سان پڻ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته قانون واري وفاقي وزير جيڪو مسودو تيار ڪيو ان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اهو مسودو قانون واري وزير جي ??يم تيار ڪيو، قانون واري وزارت ۾ ليگل ٽيم ۽ ڊرافٽس مين موجود هوندا آهن، قانون واري وزير جيڪا به هدايت جاري ڪئي ان موجب مسودي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو رهيو، اهو مسودو پيپلزپارٽي ۽ جي ??و آءِ سميت ٻين سياسي پارٽين وٽ موجود هو، انهي لاءِ ان جي سمورين شقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ مش??ور?? ٿي رهي آهي. هن چيو ته آئيني ترميم هڪ جامع دستاويز آهي جنهن ۾ ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، انصاف جي ??ظام کي آسان بڻائڻ ۽ انصاف جي ??قت سر فراهمي جي ??اءِ شقون موجود آهن. هن چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ به آئيني عدالت تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي هئي، وڪيل برادري پاران به ان تي بيان اچي چڪا آهن، ان تي وڌيڪ مش??ور?? ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪري ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان ابهام ۽ قياس آرائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪجهه اين آر او گهري رهيا آهن، اهو ملڪي سالميت ۽ آئين جو معاملو آهي، اسان جي درخواست آهي ته ان تي قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ان تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، سياسي پارٽين مش??ور?? سان اپ ڊيٽيڊ مسودو تيار ڪيو آهي، ان تي مش??ور?? ٿي رهي آهي ۽ اهو معاملو جلد پنهنجي ??نطقي انجام تائين پهچندو. وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن جي ??سودي جي تياري ۾ ٻين ملڪن کي پڻ ڏٺو ويو آهي جتي آئيني عدالتون موجود آهن اتي عدليه جو نظام بهتر آهي، انهن ملڪن ۾ شهرين کي جلد انصاف جي ??راهمي ملي ٿي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان معاملي تي وڌيڪ اتفاق راءِ پيدا ٿيندو.