اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت ج?? لاءِ خوش آئنده ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ ??ي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج ??ي شرح ۾ گهٽتائي آئي ??هي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي ??ار?? وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.