ڪراچي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري پنجاب ??ي ضلعي اٽڪ ۾ اسڪول وي?? تي فائرنگ جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻن شاگردياڻين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين چيو ته معصوم جانين جي شهادت جي خبر ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چيو ته شاگردن جي رت ۾ رڱيل هٿ وحشين جا آهن جن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. بلاول ڀ??و زرداري شهيد شاگردن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مون سميت پورو پاڪستان متاثر خاندانن سان گڏ آهي، الله تعاليٰ کين صبر عطا فرمائي.