اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) تعليم بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان تي جيڪي تعليمي ذميواريون آهن انهن تي گڏجي ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن مطابق ٽيڪنالوجي جو استعمال اسانجي پهرين ترجيع آهي. جمعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جي نتيجن جي اعلان جي تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪامياب ٿيل شاگردن جي والدين ۽ استادن کي مبارڪون ڏنيون ۽ وفاقي تعليم بورڊ کي تعليمي نتيجا وقت سر جوڙڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پاڪستان لاءِ هوا جو جهونڪو آهن . اسانجا ??وج??ان باصلاحيت آهن ۽ سندن ??ها ڪاميابي قوم جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ ??هم موڙ تي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن خوش قسمت ملڪن ۾ شامل آهي جتي آبادي جو وڏو حصو ??وج??انن تي ٻڌل آهي، اسانجي ملڪ جي آبادي جو 15 کان 18 ڪروڙ حصو ??وج??انن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اسان کي انهن ??وج??انن کي زندگي جي ه?? شعبي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ انهن ئي ??وج??انن جي مدد سان اسان ترقي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ??وج??ان اسانجو مستقبل آهن ۽ اهو يقين سان چوان ٿو ته اسانجو اهو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسانکي به وقت جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي جو صحيع استعمال سکڻو هوندو. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٽيڪنالوجي جو استعمال آهي. تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن، سندن والدين، استادن، وزارت تعليم ۽ تعليمي بورڊ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.