اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ??ه تحريڪ انصاف عورتن جي لاءِ تحريڪ ناانصاف بڻجي چڪي آهي، عورتن کي هراسان ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي. پنهنجي بيان ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف اقبال آفريدي جي خلاف ايڪشن کڻي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي اسان جي معاشري ۾ عورتن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اها تحريڪ انصاف جي فسطائيت آهي ??يڪا کلي ٻاهر اچي رهي ??هي. وفاقي وزير چيو ته انصاف جي گهرج آهي ??ه ان حملي ?? اقبال آفريدي جي پارٽي ??يم??رشپ معطل ٿيڻ گهرجي.