اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري غي??قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفن?? ۾ ??يو ته ڀارت ک?? گهرجي ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ترجمان چيو ته ايندڙ هفتي سومر ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جي هڪ ڪاري ڏينهن ??ا 5 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن ??ي حقن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غي??قانوني ۽ هطرفي ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج پاران اهي ڪارروايون ۽ ان جي نتيجي ۾ کنيل قدم ڪشميرين کي انهن ??ي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عالمي قانونن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي تحت آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.