راولپنڊي -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي گهر پهچي شهيد ڪيپٽن جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ص??ر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. محمد اسامه بن ارشد گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو. ص??ر مملڪت شهيد جي به??در??، جذبي، حب الوطني ۽ وطن لاءِ خدمتن کي به ساراهيو. ص??ر مملڪت وطن لاءِ جان جو نذرانو پي?? ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. ص??ر مملڪت شهيد جي بلند درجن ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.