اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هد??يت ڪئي آهي ته محرم ا??حرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن ۽ منشيات ج?? خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ محرم ا??حرام دوران امن امان جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محرم ا??حرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري جي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزارت سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.