اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ پارلياماني، سفارتي، اقتصادي ۽ معاشي سطح تي ٻطرفا ۽ يورپي يونين جي سطح تي بهترين تعاون موجود آهي، پاڪستان هن حصيداري کي ??ڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار سينيٽ چيئرمين جرمن پارليامينٽ جي ميمبر مائيڪل ملر جي اڳواڻي ۾ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي ??ٿي وٺرائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اعليٰ سطح جا گڏيل رابطا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي ??يجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا تي به زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان هر سطح ۽ مختلف شعبن ۾ رابطن کي ??ڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني موسمياتي تبديلي بابت چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ??رجايو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين پاڪستاني شاگردن کي اعليٰ تعليمي وظيفن جي فراهمي تي جرمن حڪومت جو ٿورو مڃيو. سينيٽ چيئرمين جرمن وفد کي ??يزائون جاري ڪرڻ ۾ غير معمولي دير سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کان ??گاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ غير معمولي دير جي مسئلن کي جلد کان ??لد حل ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي عالمي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ??و ۽ پاڪستان ??المي سطح تي امن، استحڪام کي ??ٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ڀارت منظم طريقي سان ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوف ۽ هراس جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته انساني حقن جي فراهمي يورپي ملڪن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته دنيا ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ سياسي انجنيئرنگ کي روڪڻ لاءِ ڀارت تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. هن چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال به انتهائي افسوسناڪ آهي. غزه ۽ رفح ۾ معصوم شهرين خلاف اسرائيلي اڳرائي رڪجي نه سگهي. عالمي برادري فلسطينين خلاف ظلمن کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ خطي ۾ امن لاءِ مسئلي جو مناسب ۽ قابل قبول حل ڪڍڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ انهن تڪرارن جو حل اڻٽر آهي. سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر عرفان ??ديقي ۽ سينيٽر عبدالقار به پاڪستان ??رمني لاڳاپن کي اهم قرار ڏنو. سينيٽر شيري رحمان موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي ساراهيو ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو. سينيٽر عرفان ??ديقي تعليم ۽ وفدن جي مٽاسٽا جڏهن ته عبدالقادر توانائي جي شعبن ۾ مدد کي ??ٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين ملاقات ۾ گهڻ رخي تعاون خاص ڪري تعليم، راندين، فوٽ بال، توانائي، صحت، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ مدد کي ??ڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته عالمي فورمن جهڙوڪ آءِ پي يو ۽ سي پي اي جي پليٽ فارمن تي ٻنهي ملڪن ۾ بهترين لاڳاپا ڏٺا وڃن ٿا ۽ ان مان ??هو ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ دوستي جي بااعتماد رشتي ۾ جڙيل آهن. سينيٽ چيئرمين دفاعي شعبن ۾ تعاون کي به اهم قرار ڏنو. افغان پناهگيرن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ 3.5 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگير گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهندڙ آهن ۽ افغانستان ۾ امن پاڪستان ??ي بهتر مفاد ۾ آهي جڏهن ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون اسان لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهن. اسان ??فغانستان کي خوشحالي، پرامن ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. هن وقت به پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو وڏو انگ موجود آهي جن کي ??نتقل نه ڪيو ويو. هن چيو ته جرمني ان ??لسلي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي وفد کي ??ڌايو ته پاڪستان ??ي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ انهن لاءِ پيشيوراڻي تربيت جا پروگرام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي تخليقي صلاحيتن کي ??ڌيڪ نکاري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن کي 70 سال ٿي ويا آهن ۽ هي اسان ??ي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته دوستي جو هي رشتو هر گذريندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين جرمن پارليامينٽ جي سربراهه کي ??اڪستان ??ي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وفد جي اڳواڻ سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان ??رمني لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي. هن به مختلف شعبن ۾ تعاون کي ??ڌائڻ تي زور ڀريو ۽ اها ڳالهه تسليم ڪئي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿيو آهي ۽ ٻئي ملڪ ان ??لسلي ۾ گڏجي وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا.