بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سال 26 – 2025ع جي ل??ءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر طور تي چونڊ تي خوشي جو اظهار ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان عالمي چئلينجن کي ??نه?? ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته يقينن هي هڪ قابل فخر لمحو آهي، 182 ووٽ کڻي گڏيل قومن جو 26 – 2025ع جي ل??ءِ ميمبر چونڊجڻ امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ اسان جي قوم جي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته اسان عالمي چئلينجن کي ??نه?? ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪنداس??ن، اسان عالمي دنيا جي وچ ۾ امن، استحڪام ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.