اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي چنڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، پ??ري پاڪستاني قوم ??ي ان اهم ڪاميابي تي فخر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ خلابازي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ ترقي جون وڌ??ڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، اميد آهي ته پاڪستان جا خلائي تحقيقي ادارا ۽ سائنسدان وڌ??ڪ محنت، لڳاءُ ۽ منصوبابندي سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.