اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل ??ور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گلگت بلتستان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي گلگت بلتستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگت بلتستان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص ??ور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگ??ري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي گلگت بلتستان جي دوري ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي کي خط??ب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرد??ري گلگت بلتستان جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چيو ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.