رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وز??را??ظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، ??ائ??س ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وز??را??ظم انور ابراهيم جي وچ ۾ رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وز??را??ظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پ??ري?? ملاقات هئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ 4 مارچ 2024ع تي وز??را??ظم جو عهدو سنڀالڻ ۽ 10 اپريل 2024ع تي عيدالفطر جي موقعي تي ٽيليفونڪ رابطو ٿي چڪو آهي. وز??را??ظم ملائيشيا جي وز??را??ظم جي قيادت کي ??ار??هيندي فن ۽ ادب خاص طور تي پاڪستان جي قومي شاعر علامه اقبال بابت سندس علم کي ??ار??هيو. ملائيشيا جي وز??را??ظم ڪجهه جُملا اردو ۾ ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو جتي ماضي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندا هئا. ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو ۽ غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعليم، ??ائ??س ۽ ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. وز??را??ظم شهباز شريف ملائيشيا جي واپاري ۽ ڪاروباري وفدن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وز??را??ظم ملائيشين وز??را??ظم انور ابراهيم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.