اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان ??ٽي??، 2018ع ۾ ٺهندڙ حڪ??مت جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي عملدرآمد کي روڪيو ويو، ڪالعدم تنظيمن سان ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي، حڪ??مت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۾ پوري طرح سرگرم آهي، وفاقي حڪ??مت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبن سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ خودڪش بم ڌماڪن، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪشمور ۾ گولي هڻڻ جي واقعن ۾ اضافي بابت نگهت شڪيل خان، سيد وسيم حسين، رعنا انصار ۽ سبين غوري جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته پش??ور ۾ اي پي ايس تي حملي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان متعارف ڪرايو ويو، سمورن صوبن ان تي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو، آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان ??ٽي?? ويو، ان جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي، اهو تاريخ جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ چونڊن کانپوءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ جيڪي حڪ??متون ٺهيون، انهن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪا ميٽنگ نه ڪئي جنهن جو عدالت نوٽيس ورتو ته 2018ع کان وٺي 2022ع جي وچ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪمزوري ڇو آئي؟ وفاقي وزير چيو ته ان وقت جي حڪ??مت دهشتگردن سان ڳالهين کي ترجيح ڏني ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي لاڳو کي روڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ خطي مان اتحادي فوج جي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته حڪ??مت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۾ پوري طرح سرگرم آهي. حڪ??مت دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان سمورن صوبن سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي حڪ??مت آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان وفاقي حڪ??مت صوبي سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ اتحادي فوج جي انخلا کانپوءِ ٺهندڙ صورتحال پڻ خودڪش حملن ۾ اضافي جو سبب بڻي، ان کانسواءِ هٿياربند بلوچ تنظيمون پڻ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، پاڪستان جي حڪ??مت ا??ٽي??ي جنس جي بنياد تي دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، ان سان گڏوگڏ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو پڻ ورتو پيو وڃي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ بهتري آندي پئي وڃي ۽ ان تي پش??ور ۾ ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ڪالهه ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ اتي سيف سٽي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي، وزيراعظم جو موقف هو ته جڏهن اسلام آباد ۽ لاهور ۾ اهو نظام موجود آهي ۽ ان سان امن امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتري آئي ته اهڙي طرح جو نيٽ ورڪ ڪراچي ۾ به هجڻ گهرجي، ان تي سنڌ جي وڏي وزير يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ به سيف سٽي جو نظام قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر وائلنس ايڪسٽريمزم پاليسي 2024ع جو مسودو ڪابينا ۾ پهچايو ويو آهي ۽ ان جي منظوري ٿي ويندي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ هائوس جي ٻنهي طرفن کان گڏجي آواز اچڻ گهرجي ۽ هن ايوان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد ٿيڻ گهرجي ڇو ته جڏهن ڪا لاش ڪري ٿي ته اهو پاڪستانين جو رت هوندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ اسمگلرن ڪسٽم جي اهلڪارن کي شهيد ڪيو، انهن جي لاءِ شهداءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪ??مت کي دهشتگردي جي حوالي سان پورو ادراڪ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوج ۽ ا??ٽي??ي جنس بيورو صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي. نگهت شڪيل جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبن جي ذميواري آهي، ان جي باوجود اسان سموريون صوبائي حڪ??متن سان تعاون ڪري رهيا آهيون. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪشمور ۾ امن امان بابت معاملا صوبائي حڪ??مت جي ذميواري آهي، وفاقي حڪ??مت تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي. رعنا انصار جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته صوبن ۾ امن امان جي حوالي سان وڏن وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، تازو ئي چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ چار ئي وڏا وزير موجود هئا، ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا. هن چيو ته ڪائونٽر ٽيررازم ۽ سيف سٽي جي حوالي سان وفاقي حڪ??مت تعاون فراهم ڪندي. سيد وسيم حسين جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ امن امان جو معاملو صوبائي حڪ??مت آڏو کڻڻ گهرجي، وفاقي حڪ??مت به صوبن آڏو اهو معاملو اٿاريندي. سبين غوري جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته جتي دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن اتي معاوضن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ۽ حڪ??مت ان تي عمل پيرا به آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جيڪي اهلڪار شهيد ٿين ٿا انهن جي لاءِ به معاوضن جو طريقيڪار موجود آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪ??مت موبائيل سنيچنگ جهڙن واقعن تي معاوضن جي پاليسي جو اعلان ڪندي ته اهو صوبن جي معاملن ۾ مداخلت هوندي.