ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محم?? علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ??نڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، ??نڌ جو وڏو وزير سيد مرا?? علي شاهه ۽ وفاقي وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مزار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ نمايا?? ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪرڻ جو حلف ورتو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇ??ڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ??رد??ر رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ??رد??ر ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته ??نڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ ??نڌ جي وڏي وزير سيد مرا?? علي شاهه سندس استقبال ڪيو.