حيدرآباد – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي شهيد بينظير آباد جي تع??قي قاضي احمد آمد، صدر اڳ??ڻي ايم پي اي ڄام تماچي انڙ سان سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، هن مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا در??ا بلند فرمائي، سوڳوار خاندان کي ص??ر جميل عطا فرمائي. ان موقعي تي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حاجي علي حسن زرداري ۽ علي اڪ??ر جمالي پڻ موجود هئا.