اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??نيا جي ڪابه قوم تعليم ۽ شعور کانسوا??ِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نٿي ڪري سگهي جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لا??ِ تعليم جو بندوبست نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين قائداعظم جي پاڪستان جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، دانش اسڪولن جو دائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گلگت بل??ستان ۽ ٻين صوبن تائين پڻ ڦهلايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دانش اسڪول سائيٽ جي معائني جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير، وائيس چانسلر، استادن، سيڪريٽري تعليم، مختلف تعليمي ادارن جي سربراهن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??ڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ قوم جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ جيڪي ڪوششون شروع ڪيون ويون هيون ان جي دائري ۾ توسيع ڪئي پئي وڃي. دانش اسڪول ۾ اڪثر اهي ٻار داخل آهن جيڪي ذهين آهن پر جن جي والدين وٽ تعليم جا وسيلا موجود نه هئا يا جن جا والدين هن دنيا مان هليا ويا آهن. الله جي فضل ۽ ڪرم سان دانش اسڪول ۾ پڙهندڙ ۽ هتان فارغ ٿيندڙ قوم جا روشن ستارا ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ??ڏهن اسان دانش اسڪول جي شروعات ڪئي ته ??سان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان جو موقف هو ته ??يڪڏهن اميرن جي ٻارن جي لاءِ ايچي سن ڪاليج جهڙا ادارا بڻجي سگهن ٿا ته ??ريب پر ذهين ٻارن جي لاءِ اهڙا اسڪول ڇو نٿا کلي سگهن. اسلام آباد ۾ اهڙيون زمينون موجود هيون جتي اميرن جي ٻارن جي لاءِ اسڪول کلي ويا آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر تعليم رڳو اميرن جي ٻارن جو حق نه آهي غريب جي ٻارن کي به جديد تعليمي سهولتون ملڻ گهرجن. انهي سوچ تحت اسان دانش اسڪولن جو دائرو اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بل??ستان ۽ بلوچستان تائين ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ??انش اسڪول اسلام آباد جي لاءِ 10 ايڪڙ زمين فراهم ڪئي پئي وڃي جتي ??مو??ين جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته ??مو??ن صوبن جي وڏن وزيرن جي مشاورت سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بل??ستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اهي اسڪول ٺاهيا ويندا، اسان جي ڪوشش هوندي ته ??نهن علائقن جي هر ڊويزن ۾ اهي اسڪول ٿين. گلگت بل??ستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ دانش اسڪولن جي قيام جي لاءِ سئو سيڪڙو وسيلا وفاق پاران فراهم ڪيا ويندا ڇو ته ??سان سمجهون ٿا ته ??ن کان وڏي قومي خدمت نٿي ٿي سگهي. 26 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي ڳڻتي جوڳي انگ کي ”مجرماڻي غفلت“ قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو پاڪستان بابت خواب ان جي تعليم جي انتظام ڪرڻ کانسواءِ اڌورو رهندو، ان لا??ِ تعليم کي هنگامي شعبو قرار ڏينداسين ۽ صحيح معنيٰ ۾ قومي ۽ عوامي وسيلا پنهنجي ٻارن تي نڇاور ڪنداسين ڇو ته ڪا به قوم تعليم ۽ شعور سان ليس ڪرڻ کانسوا??ِ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو تهپ نجاب ۾ محمد نواز شريف جي قيادت ۾ 2 لک استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، قوم جي لکين ٻارن ۽ ٻارڙين کي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي ڪلاشنڪوف بدران ليپ ٽاپ جا تحفا ڏنا. اڄ الحمدالله ان جي ڪري اهي پنهنجي محنت سان حلال روزي ڪمائي رهيا آهن. انهن ليپس ڪوويڊ 19 جي وبا جي دور ۾ تعليم جي فراهمي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ليپ ٽاپس اسڪيم تي به اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اسان کي ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته ??يڪڏهن اميرن جي ٻارن جي لاءِ جديد تعليمي ادارا کلي سگهن ٿا ته ??ريب ۽ يتيم ٻارن جي لاءِ به اهڙيون سهولتون ڪرڻيون پونديون جيستائين قوم جي ڪروڙين ٻارن جي لا??ِ تعليم جو بندوبست نٿو ڪيو وڃي قائداعظم جي پاڪستان جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته ??انش اسڪولن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايو ويندو ته ??يئن جن ٻارن تي مهانگي تعليمي ادارن جا دروازا بند آهن انهن جي لاءِ دانش اسڪول جا دروازا کليل هجن. هي اهو خواب آهي جنهن جي لاءِ ??مو??ا قومي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ??ن عظيم قومي خدمت ۽ نيڪ ڪم ۾ ??مو??ن لاڳاپيل ادارن ۽ عهديدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بل??ستان ۽ بلوچستان جي اسڪولن ۾ دانش اسڪولن جي پي سي ون جي منظوري کانپوءِ انهن اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر پاڻ رکندس. هن تعليم واري وزارت کي چيو ته ??ها 6 کان 8 مهينن ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائي. هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بل??ستان ۽ بلوچستان ۾ قائم ٿيندڙ دانش اسڪولن جو ذاتي طور تي افتتاح ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.