اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پنڪ سالٽ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پاڪستا??ي لوڻ طور مارڪيٽ ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار کيوڙه ۾ ??وڻ جي کاڻ جي دوري دوران ڪيو. صدر کي پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪاروريسن جي مختلف جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستاني کاڄرو ??وڻ کي قابل قدر مصنوعات ۾ بدلائي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، کاڻين جي کوٽائي جي عمل دوران ??وڻ جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جا طريقا اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو راڪ سالٽ موجود آهي، پاڪستا??ي لوڻ معياري، گهٽ قيمت ۽ منرلز سان ڀرپور آهي. صدر سالٽ مائن جي اندر مختلف سياحتي جاين جو جائزو ورتو. کيس کيوڙه ۾ موجود ??وڻ جي معيار ۽ مختلف نمڪياتي جزن بابت پڻ ??ڌا??و ويو. صدر کيوڙه ??وڻ جي کاڻ ۾ سالٽ لائبريري جو افتتاح ڪيو. هن سالٽ لائبريري ۽ دم جي سي??ٽر جو پڻ دورو ڪيو. صدر کيوڙه سالٽ مائن ۾ دم سي??ٽر ۾ علاج هيٺ مريضن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪستان منرلز ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي صدر کي کيوڙه سالٽ مائن مان ??وڻ جي کوٽائي جي مختلف مرحلن بابت ??ڌا??و. صدر کي ??وڻ جي کوٽائي جي لاءِ جاري سرگرمين بابت پڻ ??ڌا??و ويو. هن کيوڙه کاڻ جي تاريخي پس منظر ۾ خصوصي دلچسپي ورتي. صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر پڻ لکيا.