اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ايڇ اي سي يونيورسٽي ۽ ڊگري پروگ??ام?? مان پاڪستان اسٽڊيز سميت ڪنهن به خاص پروگرام کي خارج ناهي ڪيو، ايڇ اي سي اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر م??تا?? احمد جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته انڊر گريجوئيٽ پا??يسين ۾ شامل سموريون شقون رڳو گهٽ ۾ گهٽ جي سطح تي تجويز ڪيون ويون آهن، خودمختيار يونيورسٽيون پنهنجي لاڳاپيل قانونن تحت ڪم ڪري رهيون آهن. ڪورسز ۽ ڊگري پروگ??ام?? ۾ وڌيڪ پختگي جو اضافو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن پاران تازو ئي انڊر گريجوئيٽ تعليمي پا??يسي ۾ ذڪر ٿيو آهي ان ۾ عمومي ڪورس جي هڪ سيٽ جو تصور سمورن انڊر گريجوئيٽ پروگ??ام?? جي لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان پروگرام ۾ ن??ريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز تي هڪ ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي، شاگرد پاڪستان اسٽڊيز جي اڳوڻي علم جي بنياد تي ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏسندا ۽ انهن پروگ??ام?? ۾ پاڪستان اسٽڊيز پاڪستان جي آئين جي موضوعن جو امتزاج آهي، ڄاڻايل ڪورس انهن پروگ??ام?? جو ??تبادل نه آهي پر انهن ٻنهي پروگ??ام?? ۾ پاڪستان اسٽڊيز ۽ نظريه پاڪستان جو امتزاج شامل آهي. هن چيو ته نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز بابت ايڇ اي سي لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪري رهي آهي ۽ انڊر گريجوئيٽ ايجوڪيشن (يو جي اي) پا??يسي تحت پاڪستان اسٽڊيز جو ??ه ڪريڊٽ آور جو ??روگرام تيار ڪيو ويندو.