اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه تي ويو جتي هن م??حو?? جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم م??حو?? رياض کوکر جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رياض کوکر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو پرڏيهي وزارت جو باصلاحيت آفيسر هو، هن عالمي سط?? تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ موقف کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪيو، پاڪستان حڪومت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هو.