اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ (زيڊ اي آر آر اي) بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي ??حفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو آهي، سمورن صوبن جي پوليس ۽ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي سميت مختلف ڌرين جي وچ ۾ موثر رابطه ڪاري ۽ معلومات جي فوري حصيداري گم ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي وقت سر بازيابي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ بابت اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي ??يڪريٽري الهڏنو خواجه، آءِ جي ??سلام آباد، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پوليس جي ??يڊيشنل آءِ جيز، اين جي ??وز جي نمائندن ?? حڪومت جي ??عليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت جي ??يڪريٽري زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 2020ع کان هيستائين 2246 ٻارن جي گم ٿيڻ جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هن زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ جي ??والي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ايم پورٽل تي ڊيٽا کي محفوظ رکڻ ۽ ZARRA اينڊ رائڊ ايپ لا??چ ڪرڻ کانسواءِ پوليس سان ڪوآرڊينيشن مڪينزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ضلعي ۽ ڪميونٽي جي ??طح تي پوليس آفيسرن جي لاءِ تربيتي ماڊيول جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن گم ٿيل ٻارن جي ??لد بازيابي جي لاءِ فوري ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي آگاهه ڪري سگهجي.