ڪر??چي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ ??ولنگي چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، اليڪش?? ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اها ڳالهه هن اطلاعات واري صوبائي نگران وز??ر احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مرتضيٰ ??ولنگي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هجي، ان حوالي سان صوبائي اطلاعات وارن وز??رن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائ??دا هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي آهي، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اسان بهتر حالت ۾ ملڪ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪش?? ڪميشن آف پاڪستان جي آهي ۽ اسان اليڪش?? ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪر??چي جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن، نگران وز??راعظم گذريل ڏينهن ڪر??چي جو دورو ڪيو، هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگران وز??راعظم ڪر??چي جو دورو ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگران وز??راعظم جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آهي، توهان ايترو دوست وز??راعظم ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ ??ولنگي چيو ته سيڪيورٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ رهيا آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وز??راعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽي جو چئلينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.