اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ميڊيڪل شعبي جي تعليم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي خدمتن، مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته صحت جي شعبي بابت پاليسين ۾ بيمارين جي علاج سان ??ڏ بچاءُ تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت کان اڳ بيمارين کان بچاءُ ۽ وقت سر تشخيص سان صحت جي ??ظام تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪري سگهجي ??و. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق سميت سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نرسنگ جي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ داخلائن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. گهٽ عرصي ۾ مختلف شعبن ۾ 429 اسپيشلسٽ تيار ڪري چڪي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀ ٽو ميڊيڪل يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ وڏا تحقيقاتي گرانٽس کٽي چڪي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تحقيق ۾ پڻ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي مستقبل ۾ نوان پي ايڇ ڊي پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي ??هرين تدريسي بلاڪ جي تعمير پڻ مڪمل ڪندي. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏئي گهٽ قيمت ۾ ملڪ جي ??جموعي صحت جي صورتحال ۾ بهتري آڻي سگهجي ??ي، رڳو بيمارين جي علاج تي ڌيان سان ملڪ جي صحت جون ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون آهن. صدر سڄي ملڪ ۾ بيمارين کان بچاءُ جي ??اءِ آگاهي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ کي وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون گريجوئيٽس وڌائڻ تي ڌيان ڏي??، عام ماڻهو جي صحت سهولتن تائين پهچ وڌائڻ جي ??اءِ صحت جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جو انگ وڌائڻو پوندو، عورت ڊاڪٽرن جي صحت جي شعبي خدمتون برقرار رکڻ جي ??اءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن کي ڪم جي جڳهه تي دوستاڻو ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو، يونيورسٽيون تحقيق جي شعبي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌائين، ٻاهرئين ملڪ مان ريسرچ گرانٽس حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ماهر ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون. اجلاس ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاميابين ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتن بابت پڻ ٻڌايو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. سينيٽ يونيورسٽي جي ??لازمن جي سروس قانونن ۾ ترميم جي ??ڻ منظوري ڏني.