اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت?? قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪ??رڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جي ڪ??ررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي لاڳاپيل قراردادن ??وجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن ??وجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪ??ميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلا??ي حمايت جاري رکندو.