اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڀارت گذريل 4 سالن کان انسا??ي حقن جي بدترين خلاف ورزين جي انتها ڪر?? ڇ??ي آهي. ڀارت طرفان هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور تي ڪشميرين کي انهن جي رياستي حيثيت کان محروم ڪرڻ کي اڄ 4 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل چئ?? سالن کان ڀارت انسا??ي حقن جي بدترين خلاف ورزين جي انتها ڪر?? ڇ??ي آهي، جيڪا غير مقامي ماڻهن جي آبادڪاري، جعلي ڊوميسائيلز جاري ڪرڻ، انٽرنيٽ جي بندش، ۽ ڄاڻ جي مڪمل بليڪ آئوٽ تائين محدود ناهي، پر ڪشميري قيادت کي قيد به ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي قدم?? سان غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي بنيادي حق خ??اراديت کي مجروح ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهڙن سڀني هڪ طرفن ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪر?? ٿو ۽ ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي پختي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪر?? ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ واريون ڪارروائيون واپس وٺي. تاريخ گواهه آهي ته طاقت، آزادي ۽ حق حاصل ڪرڻ واري باهه کي وسائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي.