اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو و??و. ??زيراعظم محمد شهباز شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي وفد جو چيني نائب وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. ان ک??نپوءِ چيني وفد جو وزيراعظم شهباز شريف سان تعارف ڪرايو و??و. ??اضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي ??ن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان ک??ن اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب وزيراعظم ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي ??ان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35