ميانوالي – 14 – جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چشما – 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پ??ڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، احسن اقبال ۽ چيني عمل??ار پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 5 جي نه رڳو لاڳت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي پر ان جي سگهه ک?? 1100 ميگاواٽ مان وڌائي 1200 ميگاواٽ ڪيو ويو آهي. چشما 5 جنهن جي معاهدي تي 2017ع ۾ صحيحون ٿيون هيون، گذريل 5 سالن کان التوا جو شڪار رهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ ۾ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ويزن تحت ان منصوبي تي ڪم کي ٻيهر شرو?? ڪيو پيو وڃي.