اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ل??ءِ اطلاعات وار?? وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي قيادت ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاق?? وزير مرتضيٰ جاويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات واري وفاق?? وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذم??وا?? پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاق?? وزير ايبٽ آباد پريس ڪلب ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاق?? وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ايبٽ آباد پريس ڪلب جي ل??ءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعلان تي اطلاعات واري وفاق?? وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايبٽ آباد جي صح??في برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيش??وا??اڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي وفد اطلاعات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن واري وفاق?? وزير مرتضيٰ جاويد عباسي جا ٿورا مڃيا.