اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ ??اس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي ??ان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ??رج??ان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ ??اس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ ??اس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان تڪرارن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. ا??ان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي ??ان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.