اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي ب??سعادت موقعي تي مناسڪ حج ج?? اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن ح??جي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلمان وچن ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جي زات جي حڪمن جي ب??اآوري جي لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ڪيو هو، حج اسلام ج?? اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان کي گهرج?? ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون، مسلمان امت کي هن و??ت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن ح??جي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي صدر حج جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ ح??جي سڳورن ۽ سموري مسلمان امت کي ب??سعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.