اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مجموعي ملڪي ق??ضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 ملين ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 ملين ڊالر بئنڪن ۽ هڪ ارب ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز ??ي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب روپيا جڏهن ته پرڏيهي قرض 24171 ارب روپيا 85.2 ارب ڊالر جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ ۽ ق??ضن جي ادائيگين لاءِ حڪومت ڊگهي مدي واري ملڪي ق??ضن تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب روپين جي ٽريزري بلز جي ادائيگي سان ننڍي مدي واري ق??ضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت ق??ضن ??ي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي. جولاءِ 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار روپيا ق??ضن ??ي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪيا. اقتصادي سروي موجب ٻاهرين ق??ضن ??ي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي تحت 1166 ملين ڊالر وصول ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1500 ملين ڊالر ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ڊالر وصول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 ملين ڊالرن جو قرض به ??ي فنانس ٿيو. حڪومت چين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب طرفان به 3 ارب ڊالر رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ سپورٽ لاءِ استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب طرفان 900 ملين ڊالر تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 ملين ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 ملين ڊالر بئنڪن ۽ 1000 ملين ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز ??ي مد ۾ ادا ڪيا آهن.