اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته انصاف جو پلڙو سڀني ??اء?? برابر هجڻ گهرجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، اسان آئين، قانون ۽ سپريم ڪورٽ جو احترام ڪريون ٿا، پر اقليتي فيصلا نه مڃينداسين، ڪنهن ??اء?? عمر ڀر نااهلي ڪنهن ??اء?? تاحيات ضمانت سواليه نشان آهي. شاهراهه دستور تي پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اڄ عوام جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، لکين ماڻهو موجود آهن پر گلدان به نه ڀڳو، اسان شاهراهه دستور تي واقعي سنگ مرر جي اڇي عمارت، آئين ۽ قانون جو احترام ڪريون ٿا، پر هن عمارت جو تقدس انصاف سان جڙيل آهي، هن چيو ته سنگ مرمر جي هن عمارت مان عوام کي انصاف، طاقتور کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ هو، پارليامينٽ جي مضبوطي جي آواز هن عمارت مان بلند ٿيڻي گهرجي ها ۽ سائلن ۽ مجبورن کي انصاف ملڻو هو پر هن عمارت مان چونڊيل وزيراعظمن کي سسيلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو و??ندو رهيو ۽ ڪجهه جي ??اء?? سهولتڪاري ڪئي وئي. هن چيو ته 60 ارب روپين جي جوابدار کي هن عمارت ۾ ڀليڪار چيو وڃي ٿو ۽ چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو وڃي ٿو، ڪنهن کي جلاوطني نصيب ٿيندي آهي ته ڪنهن کي ڦاهي، ڪنهن کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن کي عمر ڀر ??اء?? نااهلي ملي ٿي، انصاف جو پلڙو سڀني ??اء?? برابر هجڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته هن عمارت ۾ ويٺل ماڻهو پي سي او ۽ ايل ايف او تحت حلف کنيا، هن سوال ڪيو ته ڇا ڪ??هن ڪنهن آمر کي به گهر موڪليو و??و؟ آمرن خاطر هميشه نظريه ضرورت کي زنده ڪيو و??و، پهرئين، ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين سمورن آمرن کي ٺپو هن عدالت مان مليو پر اڄ فوج مارشل لا لڳائڻ ??اء?? تيار نه آهي ۽ جمهوريت ۽ آئين سان گڏ بيٺل آهي، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته خواجه طارق رحيم جيڪو عمران خان جو وڪيل آهي، سان ڳالهين ۾ مارشل لا نه لڳڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو و??و جيڪو افسوسناڪ آهي، مريم نواز چيو ته ڪ??هن عوام ۽ جمهوريت ۽ جيلن ۾ بي گناهه قيد لکين ماڻهن ??اء?? به ڪو نظريه ضرورت زنده ٿيو؟ جسٽس ڪارنيليس جو حوالو ڏيندڙ در اصل جسٽس منير جا پيروڪار آهن، عمرانداري ??اء?? انصاف جو رت وهايو پيو وڃي، هن چيو ته گهڙي چور کي توشاخانه ڪيس ۾ به ضمانت ملي وئي آهي، پنڪي پيرني هيري جون منڊيون تحفي ۾ وٺي ٿي، گهڙيون وڪرو ڪري ٿي ۽ القادر ??ي زمين وٺي ٿي پر ج??هن سوال ڪيو وڃي ٿو ته عدالت ۾ چوي ٿي ته مان گهريلو عورت آهيان. مريم نواز چيو ته هو به هڪ عورت آهي پر عورت هجڻ جي ناطي کيس ڪا سهولت نه ڏني وئي ۽ انتقامي ڪارروايون ڪندي لحاظ نه ڪيو و??و پر مون ضمانت تائين نه ڪرائي ۽ چيو ته جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اڄ پنڪي پيرڻي کي عدالت جي ڪمري تائين گاڏي ۾ سفيد چادرن جي گهيري ۾ آندو و??و. هن سوال ڪيو ته ڇا ٻين جي گهروارين، ڌيئرن، ڀينرن جي ڪا عزت ناهي؟ ج??هن عمران خان اقتدار ۾ هو ته اسان کي ڌڪا ڏيندي عدالتن ۾ وٺي ويندا هئا، ت??هن اهو وساري ويٺو هو ته الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان کي سهولت فراهم ڪرڻ ??اء?? آئين کي ري رائيٽ ڪيو و??و، چار ٽي جو فيصلو آهي پر چيو و??و ته ٽي ٻه جو اقليتي فيصلو مڃيو وڃي، اسان اهو فيصلو ڇو مڃون، فيصلو ڏيندڙن جي ساٿي ججز به ان فيصلي تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته سوموٽو جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ون مين شو بڻايو و??و آهي. هن چيو ته حمزه شهباز جي حڪومت کي ٽوڙي پليٽ ۾ رکي عمران خان کي پيش ڪئي وئي، ج??هن خبر هئي ته اسيمبليون ٽوڙيندو ته هي پاڪستان خلاف گهري سازش هئي جنهن ۾ پرويز الاهي، عمران خان کانسواءِ ٻيا به ڪردار شامل هئا جن رليف ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، هن چيو ته ثاقب نثار اڄ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل به ناهي ان جو پٽ ٽڪيٽون بليڪ تي وڪڻندي پڪڙجي پيو، آصف سعيد کوسا عمران خان جي ڌرڻي جي ناڪامي کانپوءِ پاڻ دعوت ڏني ته درخواست کڻي مون وٽ اچو، هن چيو ته ڪرپشن جا دستان شاهراهه دستور تي بيٺل ٽوئن ٽاور جي صورت ۾ سڄي پاڪستان ۾ مشهور آهن، مريم نواز چيو ته سندن احتجاج پرامن آهي ڇاڪاڻ ته هي فارن فنڊڊ نه پر محب وطن ماڻهن جو ميڙ آهي، هن 9 مئي تي ٿيل حملن ۽ تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته جنهن فتني کي پالي وڏو ڪيوويو ان جو نتيجو 9 مئي جي واقعن جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ جيڪو ڪم ڀارت جهڙو ازلي دشمن ۽ دهشتگرد به نه ڪري سگهيو اهو فتني ڪري ڏيکاريو، هنگامن ۾ نه رڳو ريڊيو اسٽيشن پشاور ۽ اسپتال سميت سرڪاري ۽ نجي ملڪيتون ساڙيون ويون پر ڪور ڪمانڊر جو گهر جيڪو دراصل قائداعظم جو گهرو هو ان کي به نه بخشيو و??و، مريم نواز چيو ته جي ايڇ ڪيو ته پهريون حملو ٽي ٽي پي ۽ ٻيو حملو عمران خان ڪيو، اهي جنگي جهاز جنهن سان اسان دشمن جا ويڙهاڪ جهاز نشانو بڻائي ڪيرائيندا هئاسين ۽ اهي قوم جي فخر جي علامت هئا انهن کي لاڏلي باهه ڏياري ڇڏي. مريم نواز چيو ته پوري پاڪستان ۾ ڪٿي به 500 جي تعداد ۾ به عام ماڻهو نه نڪتا، وڳوڙي پي ٽي آءِ جا تربيتي ماڻهو هئا جن کي زمان پارڪ ۾ پلستر چاڙهي ويٺل عمران خان ان تربيت يافته دهشتگردن ذريعي ٽرينڊ ڪيو جن کي هن آزاد ڪرايو هو، هن چيو ته هن وڳوڙن تي عمران خان چئي ڇڏيو ته مان قيد ۾ هئس ان ??اء?? مون کي ڪابه خبر نه آهي، ان وقت عمران خان ڪهڙي جيل ۾ بند هو ج??هن شاهراهه دستور تي سول نافرماني ڪندي عمران نيازي قبرون کوٽرايون هيون ۽ شلوارون ٽنگيون هيون ۽ پوليس آفيسرن کي حملا ڪرايا، قومي ادارن ۾ گهڙي انهن کي نقصان پهچايو. مريم نواز چيو ته عمران خان کي رينجرز جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي جنهن سندس اها ٽنگ به ٺيڪ ڪري ڇڏي جيڪا 6 مهينن کان ٺيڪ نه ٿي رهي هئي، هن چيو ته عمران خان هڪ ئي ڏينهن پٽيشن داخل ڪيون ۽ انهي ڏينهن ضمانتن جي برسات ٿي وئي ۽ آزادي ملي وئي ۽ مرسڊيز ۾ رخصت ڪيو و??و ان ??اء?? نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو و??و ۽ جيڪي ڏوهه ۽ گناهه نه ڪيا انهن ۾ ضمانتون ڏنيون ويون، هن سوال ڪيو ته ڇا پوري دنيا جي تاريخ ۾ ڪ??هن ڪنهن کي اهڙي طرح جو ضمانتون مليون آهن. هن چيو ته انصاف جو پلڙو سڀني ??اء?? برابر هجڻ گهرجي، ڪنهن کي تاحيات ضمانت ۽ ڪنهن کي تاحيات نااهلي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کان استعيفا جو مطالبو ڪريون ٿا. ان موقعي تي پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.