اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) کي متاثر شاگرد کي 11270 ڊالر جي رهتن جي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. متاثر شاگرد 15 سال اڳ شروعاتي مرحلن ۾ ئي يونيورسٽي جي سيٽ ڇڏي ٻي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏي هئي پر ??سٽ فيس واپس ڪرڻ بدران ضبط ڪري ڇڏي هئي. صدر قرار ڏنو ته ??سٽ غيرمنصفاڻي طور تي فيس ضبط ڪري بدانتظامي ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي اهو معاملو 2022ع ۾ موڪليو ويو جيڪو 15 سال پراڻو هو. صدر چيو ته ??سٽ وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ ”ايجنسي“ آهي، ??سٽ ڪو نجي واپاري ادارو نه آهي، عوامي شعبي ۾ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارو آهي، ??سٽ جي پراسپيڪٽس جي ڪا به شق قانون جي مقرر ڪيل حد کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. هن چيو ته ڪا پاليسي يا ضابطي ڪار استحصال ۽ شخص جي حقن بابت پاڪستان جي ائين جي شقن کي ڪالعدم نه ٿا ڪري سگهن، داخلا نه وٺڻ جي باوجود شاگرد جون رهتون ضبط ڪرڻ استحصال ۽ بدديانتي جي برابر آهي. تفصيل موجب شاگرد ??سٽ ۾ 2007ع ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ملڻ تي 11420 ڊالر داخلا فيس جمع ڪرائي، ٻي يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ تي هن سيٽ ڇڏي ڏني ۽ رقم جي واپسي جي لاءِ درخواست ڏني. ??سٽ ريفنڊ پاليسي کي بنياد بڻائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. شاگرد جي والد (شڪايت ڪندڙ) 2008ع ۾ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??سٽ فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ??سٽ وضاحت نه ڪري سگهيو ته ان جي پاليسي ڪيئن جائز آهي يا فيصلي سان ان کي مالي نقصان ٿيو. ??سٽ پاران فيس برقرار رکڻ جي فيصلي کي بنا جواز قرار ڏنو ويو. بعد ۾ ??سٽ 2015ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ رٽ پٽيشن داخل ڪئي. عدالت بدانتظامي جي ارتڪاب ۽ ??سٽ جي ”ايجنسي“ هجڻ جي سوالن تي فيصلي جي لاءِ معاملو صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگرد کي پيش ڪيل ”عارضي داخلا“ کي حتمي داخلا ۾ تبديل نه ٿو ڪيو ويو، خ??لي ڪيل سيٽ تي ??سٽ هڪ ٻئي شاگرد کي داخلا ڏني، ??سٽ پاران هڪ ئي سيٽ تي ٻه فيسُون وصول ڪرڻ ڏٺو وڃي ته استحصال ۽ بدديانتي آهي، رقم جي واپسي رد ڪرڻ جو عمل ”جبري ۽ ضبطگي“ جي برابر آهي، يونيورسٽي پراسپيڪٽس ۾ چيو ويو ته ٽيوشن فيس ۽ ڊيولپمينٽ فنڊ واپس نه ڪيا ويند??. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته داخلا حتمي نه هجڻ ۽ ??سٽ کي مالي نقصان نه ٿيڻ تي شاگرد رقم واپسي جو مستحق آهي، ??سٽ بدانتظامي ڪئي، رهتون واپس ڪيون وڃن. هن چيو ته ??سٽ جو قيام پارليامينٽ جي ايڪٽ تحت ڪيو ويو، صدر پاڪستان سرپرس?? اعليٰ ۽ وزيراعظم چانسلر آهي، ??سٽ وفاقي حڪومت جي ذريعي قائم آهي، ”ايجنسي“ جي زمري ۾ اچي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته متاثر شاگرد کي ضبط ٿيل رقم ادا ڪئي وڃي.