اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، ان کي آڻيندڙن جو ??قصد سڀني کي چور ڌاڙيل قرار ڏيارڻ هو، عمران نيازي کي 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو ??نصوبو هو، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ کي تباهي جي ور چاڙهيو، عمران نيازي جي خلاف ڪيسن کي ??ام??ڪن قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري، ٻٽي معيار سان انصاف جو جنازو نڪري ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان نيازي ڪوڙي پروپئگنڊه سان قوم کي ورڇ ڪيو ۽ هر جڳهه ??هر پکيڙيو، عمران نيازي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اسان پاڪستان جي سفارتي محاذ تي دنيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا، حڪومت ورثي ۾ ملندڙ مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، آئيني طريقي سان چونڊيل اسان جي حڪومت کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ويو، عمران خان ۽ ان جا حواري بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي ڪنهن جواب نه گهريو بلڪه مالم جبه، بلين ٽري سو??ام?? ۽ بي آر ٽي جهڙن ڪرپشن جي ڪيسز ۾ انهن کي ڪلين چٽ ڏني وئي ۽ انهن ڪيسن کي ??ام??ڪن قرار ڏنو ويو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما جي ڊرامي ۽ اقامي جي بي ڍنگي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ عدالتن کي منهن ڏنو، آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي اسپتال مان کڻي گرفتار ڪيو ويو، اڄ نيب جي غبن ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدليه عمران خان جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي جڏهن ته اسان جا ڪيس لٽڪايا ويندا هئا، سال سال تائين ضمانت جي درخواست نه ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه ??دالت جي ريمارڪس تي حيرت ٿي، ڪاش فريال ٽالپر، مريم نواز ۽ اسان کي به عدالتن ۾ ڏسي چيو وڃي ها ته توهان کي ڏسي ??مام سٺو لڳو، عام ماڻهن جا ڪيس عدالتن ۾ سالن جا سال لٽڪيل رهن ٿا، اسان صبر سان سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جو ??قصد آءِ ايم ??يف ڊيل کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي تباهه ڪرڻ هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سيڙپڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، جيڪڏهن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.