لاهور – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لا??ور ۾ بيديان روڊ تي قائم اٽو ورهائڻ واري مرڪز ج?? دورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن ک??ن انهن جي مسئلن بابت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چ??و ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا 3 ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو اهو سلسلو 25 رمضان تائين جاري رهندو. ياد رهي ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.