اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته علائقي جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ??ڏجي ڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وز??را??ظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ??ائ??ه ۽ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وز??را??ظم گلگت بلتستان جا حل طلب مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ??ڏجي ڪم ڪنداسين.