ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي پوليس آفي?? تي دهشتگردي جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. ??ن چيو ته دهشتگرد قوم جا حوص??ا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام تي ٿيندڙ هر حملي کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ دشمن عنص?? ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.