اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادي کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀا??تي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي ان جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، ڀارت ڪرفيو، بليڪ آئوٽ، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ، نظربندي، قيد ۽ بنيادي حقن کان انڪار جي ذريعي ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سختي سان نشانو بڻايو، اسان انهن جي اخلاقي، سفا??تي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀا??تي ڏ??ڍ کان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن، پاڪستان سمورن عالمي پليٽ فورمن تي پڻ آواز بلند ڪندو رهندو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ايڪتا جو ورجاءُ ڪري ٿو، يوم يڪجهتي ڪشمير تي اسان حق خود اراديت لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان پنهنجي اڻٽر حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته ??مو?? ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي سڀني کان پراڻي حل طلب مسئلن مان هڪ آهي، گذريل 75 سالن ۾ ڀارت ??مو?? ڪشمير تي پنهنجو ناجائز قبضو جاري رکيو آهي ۽ هتي جي عوام جا حق پائمال ڪري رکيا آهن، وزيراعظم چيو ته هزارين ڪشميري ڀا??تي قابض فوج جي هٿن ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري چڪا آهن ۽ اڻ ڳڻين ظلمن جو شڪار آهن، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غير ق??نوني ۽ هڪطرفن قدمن کانپوءِ، پهرين کان خراب صورتحال بدترين رخ اختيار ڪري ورتو. ان غير ق??نوني ۽ هڪطرفن قدمن کي پاڪستان ۽ ڪشميرين رد ڪري ڇڏيو آهي، محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت جي قبضي هيٺ ??مو?? ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال پاڪستان ۽ باقي دنيا لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. هن چيو ته مشهور ڪشميري سياسي قيادت کي غير ق??نوني طور تي نظربند ڪيو ويو آهي يا فرضي ڪيسن ذريعي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي، ميڊيا کي ڏاڍ ذريعي خاموش ڪيو ويو آهي ۽ عالم سڳورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙا سخت قانون ٺاهيا ويا آهن جيڪي ڪشميري عوام جي بنيادي آزادين کان انڪاري آهن. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ آبادياتي تبديليون آڻڻ لاءِ پنهنجي مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ڪشميرين کي پنهنجي ئي زمين تي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي. اهي قدم گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن سميت چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن. شهباز شريف چيو ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادن کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀا??تي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ته ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي انهن جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زرو ڀريون ٿا ته هو پاڪستان، گڏيل قومن ۽ سڀ کان وڌي ڪري ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن جو احترام ڪري. وزيراعظم چيو ته آئون سموري پاڪستاني قوم طرفان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي خاطري ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان انهن جي اخلاقي، سفا??تي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀا??تي ڏاڍ مان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن. پاڪستان سمورن عالمي پليٽ فارمز تي پڻ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ هندستان جي وحشياڻي قدمن کي اجاگر ڪندو رهندو.