ڊيره اسماعيل خان – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان سميت ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چشما رائٽ بين?? ڪينال جي بحالي، چشما رائيٽ بين?? ڪينال لفٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ، ٽانڪ زام ڊيم، سي پيڪ جي اولهندي روٽ / موٽروي يارڪ – سگو سيڪشن ۽ گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم عبدالخيل 132 ??ي وي ۽ بند ڪورائي 132 ??ي وي گرڊ اسٽيشنز، پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي ڪم جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، منصوبابندي ۽ ترقي ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ تعميرات ??ار?? وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، مذهبي معاملن ??ار?? وفاقي وزير مف??ي عبدالشڪور، مواصلات ??ار?? وفاقي وزير اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ علائقي جي اڳواڻن پڻ شر??ت ڪئي.