اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيان جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سنگاپور ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي، پاڪستان آسيان جو سڀ کان پراڻو سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر آهي ۽ هو آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊالر جي آمدني متوقع آهي، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير سنگاپور جي دوري جي م??قع?? تي اسٽريٽس ٽائيمز کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چ??و ته سنگاپور جي آزادي جي فوري پوءِ پاڪستان ان کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني ڪميونٽي شروعاتي سالن ۾ سنگاپور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ماضي ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ڪئي آهي، سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪوان يو 1988ع ۽ 1992ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان سنگاپور جو دورو ڪيو. هن چ??و ته وقت سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار وڃائي ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته هو پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي ۽ ٻطرفي مٽاسٽ?? کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪري رهيو آهي، پاڪستان سنگاپور سان گڏيل لاڳاپن کي سمورن رخن ۾ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند اهي، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن کي تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چ??و ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ طور آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته دني?? کي پاڪستان بابت پراڻي دقيانوسي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن جن جي لاءِ پهريون قدم پاڪستان جي خلاف ٽريول ايڊوائيزري کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته دني?? کي هڪ اميد ڀريل اڀرندڙ مارڪيٽ طور تي اسان کي وڌيڪ معروضي طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي 220 ملين آبادي مان 114 ملين آبادي 25 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 2021ع ۾ پاڪستان اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چ??و ته جرمن ريسرچ فرم سنيسڪا موجب پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊلر جي آمدني متوقع آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان ۾ ڪيترائي فري لانسرز آءِ ٽي، ٽيڪام، اي ڪامرس، ڊيٽا ايناليٽڪس، مالياتي خدمتن، موسيقي ۽ صحت ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن کي آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا.