اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳوڻي صدر جيانگ ??يمن جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير نونگ ??ونگ ??ان ملاقات ۾ چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا ت??ثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي صدر کي سدائين هڪ عظيم اڳواڻ طور ياد رکيو ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ ??يمن جو ڪردار اهم ۽ آفاقي حيثيت رکندڙ آهي.