اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انته??ئي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ڪميٽي جو وائيس چيئرمين تان گوفو ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انته??ئي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجي گذريل چين جي دوري دوران ڪمپني جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ڪمپني جي وائيس چيئرمين تان گوفو پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توان??ئي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو کي پاڪستان ۾ قابل تجدي?? خاص طور تي شمسي توان??ئي جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ مختلف شيون عطيو ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.