ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ سا?? لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪست??ن ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪست??ن ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سا??ان موڪلڻ ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي ازبڪ صدر جا ٿورا مڃيا. هن موسمياتي تبديلي جي ڪري ??وڏ جي ڪري انساني جانين جي زي??ن ۽ فصل، چوپائي مال، گهرن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي پهچندڙ نقصان بابت کيس آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي خصوصي حوالي سا?? ٻطرفي تعاون ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ازبڪست??ن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ??نگهه جي معاهدي ۽ ترجيحي واپاري ??عاهدي کي مڪمل طور تي فعال ڪري سياسي لاڳاپن، تيز رفتار واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ويجهي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته آزاداڻي ويزا نظام سا?? واپار ۽ سيڙپڪاري ??ڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجاي?? ۽ ??فغانستان، پاڪست??ن ۽ ازبڪستان جي فني ٽيمن پاران افغانستان جي اندر منصوبي تي ڪم جي ڪامياب پڄاڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سا?? ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن ذريعي وچ ايشيائي ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن سا?? موثر طريقي سا?? واپاري طور تي ڳنڍجي ويندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪست??ن ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ خصوصي تجويزون ۽ منصوبا تيار ڪرڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر شوڪت مرزيوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جڏهن ته ازبڪ صدر پڻ وزيراعظم کي جلد کان جلد ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.