اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته پروگرام جي بحالي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو، پروگرام جي بحالي جي لاءِ ??اڻ?? واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏي??ن ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان پاڪستان جي معاشي طور تي ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان مشڪل معاشي امتحان مان سرخرو ٿي نڪتو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام هڪ مرحلو آهي پر پاڪستان جي منزل مع??سي خودانحصاري آهي. هن چيو ته پروگرام جي بحالي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو، پروگرام جي بحالي جي لاءِ ??اڻ?? واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏي??ن ٿو، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي ۽ اڳتي پاڪستان کي ڪڏهن به ان جي ضرورت نه پوي. هن چيو ته الله تعاليٰ جي رحمت مان پراميد آهيان ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چونداسين.